| جيل ڀريو تحريڪ جو اشارو، حڪمرانن کي نوان جيل ٺهرائڻا پوندا: عوامي تحريڪ |
مٺي(ن پ ا) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪارن قانونن ۽ مختلف ترميمن ذريعي سنڌ جي وجود تي وار خلاف سنڌياڻين جي ڪالهوڪي احتجاجي مارچ حڪمرانن ۽ سندن ونگاري پوليس کي بوکلاهٽ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي. اسان ڪوڙن ڪيسن ۽ جيلن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، وطن جي حفاظت لاءِ جيل ڀريو تحريڪ هلائي سگهون ٿا، حڪمرانن کي نوان جيل ٺھرائڻان پوندا۔ ڪالهوڪي ڪيس مان ضمانتون نه ڪرائينداسين، اسانجي احتجاجي مارچ ۾ 10 هزار عورتون ۽ مرد ڪارڪنن هئا انهن مان پنج سئو تي ڪيس داخل ڪيو ويو، اسان چئون ٿا ته حڪمرانن کي سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام تي ڪيس داخل ڪرڻان پوندا پوءِ به اسان پوئتي نه هٽنداسين، هن وڌيڪ چيو ته آئين کي ٽوڙي ملڪ ۾ جهموريت جي ڪوڙي نالي ۾ مارشلا نافذ ڪئي وئي آھي، اسان حڪمرانن جي ڪنهن به وطن دشمن قانون کي نٿا مڃيون، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن عورتن ضيائي مارشلا ۽ مشرف جي ڊڪٽيٽر واري دور ۾ پرامن جدوجهد ذريعي ڌرتي جو دفاع ڪيو انهن کي جيلون ۽ ٿاڻان راه تان هٽائي نٿا سگهن.