جيل کان ٻاهر دوستاڻو ماحول هلي رهيو آهي، سڀ خوش آهن: عمران پاران پارٽي قيادت تي ڪاوڙ

ڊسمبر 13, 2024

راولپنڊي (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان پنهنجي پارٽي قيادت تي ڪاوڙيل، پارٽي ليڊرشپ کي چارج شيٽ ڪري ڇڏيو، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران جيل کان ٻاهر واري ماحول تي سوال اٿاري ڇڏيو، عمران چيو ته اخبار ۾ خبرون ڏٺيون ته اهڙو تاثر مليو ڄڻ جيل کان ٻاهر دوستاڻو ماحول هلي رهيو آهي ۽ اهي سڀ خوشي خوشي ڪري رهي رهيا آهن، عمران پارٽي ليڊر شپ جي رويي تي حيراني جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي اميد هئي ته ڊي چوڪ معاملي کي پارليامينٽ ۽ ٻين فورمسز تي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو ويندو پر مون کي حيراني آهي ته ايئن نه ٿيو. عمران خان پارٽي ليڊر شپ جي رويي تي ناخوش نظر آيو، هن چيو ته ٻن ڏينهن کان اخبارون پڙهي رهيو آهيان، هنن کي جيڪا حڪمت عملي جوڙڻي هئي اها نه جوڙي، جيڪو ردعمل ڏيڻ گهرجي ها اهو نه ڏنو، هڪ سوال تي عمران چيو ته پنهنجي پاران جوڙيل ڪاميٽي جي ڳالهين واري عمل تي عدم اعتماد نٿو ڪريان، پارليامينٽ ۾ معاملو ڀرپور انداز ۾ اٿارڻ گهرجي ها، هڪ ٻئي سوال تي باني پي ٽي آءِ چيو ته فيض حميد سان جيتريون به ملاقاتون ٿيون اهي جنرل باجوه جي اجازت سان ٿيون، ملاقاتن کانپوءِ به فيض حميد جنرل باجوه کي بريفنگ ڏيندو هو.

Leave A Comment