جيل ۾ مڙس جي حياتي کي خطرو آهي: بشريٰ بي بي پاران حلفي بيان جمع

آگسٽ 25, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران جي گهرواري بشريٰ بي بي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

بشريٰ بي بي پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو ته جيل ۾ مڙس جي حياتيءَ کي خطرو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين سان 22 آگسٽ تي اٽڪ جيل ۾ ملاقات ٿي هئي

بشريٰ بي بي پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت خراب ٿي رهي آهي، قيد دوران سندس وزن به گهٽ ٿي ويو آهي، 70ورهين جي شخص جي خراب ٿيندڙ صحت سندس زندگي لاءِ سنگين خطرو آهي

بشريٰ بي بي چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران جي خراب حالت جو نوٽيس وٺي، حلفي بيان سويلين جي فوجي ٽرائل خلاف درخواستن واري ڪيس ۾ جمع ڪرايو ويو

حلفي بيان ۾ بشريٰ بي بي چيو ته وڏي ڏکيائين کانپوءِ عمران سان ملاقات جي اجازت ملي، عمران جو چوڻ هو ته ملڪ لاءِ سختي سهڻ لاءِ تيار آهيان، قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندس

Leave A Comment