جيل ۾ نشو نه مليو ته قيدي ڀڄي ويا، قمبر ۾ ڀڄي ويل 11 جوابدار ٻيهر سوگها

جُولاءِ 24, 2023

قمبر/پکو (نمائندن وٽا) قمبر جي سب جيل مان 15 قيدي فرار ٿي ويا هئا جن مان هڪ جوابدار کي پکو پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

پکو جي ڳوٺ گھوگھارو واسي ربنواز ولد غلام خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪري پکو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو

قيدي ربنواز خاصخيلي ٻڌايو ته اسان لاڪ اپ ۾ نشو نه ملڻ سبب تنگ ٿياسين جنهن ڪري فرار ٿي وياسين، مختلف هنڌن تي پناهه ورتي پر پوليس وري پڪڙي ورتو آهي

هن چيو ته اسان ڪي وڏا ڏوهاري نه آهيون باقي منشيات واپرائيندا آهيون جنهن ڪري اسان جي مالڪن پوليس حوالي ڪيو هو

هوڏانهن قيدي فرار ٿيڻ تي 6 اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي توحيد ميمڻ طرفان  معاملي جو نوٽيس وٺندي قمبر ٿاڻي تي  سب انسپيڪٽر ذاڪر سانڊاڻو جي فرياد تي 6 اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو

جوابدارن ۾  اي ايس آءِ امداد حسين گوپانگ، سپاهي حاجن کوسو، سپاهي ذوالفقار کوسو،گداحسين چانڊيو، اڪبر کوسو، مير علي کوسو شامل آھن

جن مان اي ايس آءِ امداد گوپانگ، حاجن کوسو ۽ذوالفقار کوسو گرفتار ٿيل آھن 3 اهلڪار فرار آھن جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن

پوليس موجب جيل مان ڀڄي ويندڙ 15 قيدين مان 10 ڄڻن عامر گاڏھي، وسيم ٽوٽاڻي، رحمت بروهي، يوسف جويو، ياسين مڱڻھار، اياز کوسو، عامر گوپانگ، صدام مغيري، اصغر مغيري، رب نواز خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو آھي

Leave A Comment