| جيڪب آباد آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي پرنسپال جو پورهيت تي تشدد |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي پرنسپال سجاد عباسي چنگچي هلائيندڙ پورهيت ياسين لغاري کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن واقعي خلاف عام انسان تحريڪ پاران علي شاهه عابد سنڌي مجيب کوسو الطاف ميراڻي ياسين لغاري جي اڳواڻي ۾ ڊگري ڪاليج جي سامهون قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاهرين دانهيندي چيو ته آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي پرنسپال پورهيت ياسين لغاري تشدد جو نشانو بڻايو آهي پرنسپال ڪاليج جي گارڊن کي گهرائي انهن سان گڏ پاڻ به تشدد ڪندو رهيو جيڪو سراسر زيادتي آهي هنن آءِ بي اي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پرنسپال خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن مظاهرين پيپلزپارٽي ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي گاڏي به روڪي ورتي ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي آهي ايم اين اي گاڏي مان لهي مظاهرين جي لڳل ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالھيون ڪيون مظاهرين ايم اين اي آڏو دانهيندي چيو ته آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي پرنسپال بنا جواز جي پورهيت کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي ايم اين اي مظاهرين کي يقين ڌياني ڏياريو ته آءِ بي اي ڪاليج جي پرنسپال خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ مظاهرين ٻن ڪلاڪن کان پوءِ احتجاج ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو. پرنسپال سجاد عباسي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو جنهن سبب موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي