جيڪب آباد: اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ ڊي اين اي ڪيئن خراب ٿيا؟ جاچ آفيسر سميت 3 ڄڻن کي شوڪاز

جيڪب آباد: اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ ڊي اين اي ڪيئن خراب ٿيا؟ جاچ آفيسر سميت 3 ڄڻن کي شوڪاز

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ناري (آ ک)زيادتي ڪيس بابت بابت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر احسان ميراڻي پاران ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي فارينزڪ موليڪيولر بائلاجي ليبارٽري لمس جامشورو جي انچارج جي ليٽر جو حوالي ڏنو ته 9 جوابدارن جي ٻيهر ڊِي اين اي ڪرائڻ لاءِ تازا جزا وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي ڪنزيومر ڪورٽ جي انچارج جج سيڪنڊ سول جج نثار احمد شر پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ويا ته 26 جنوري 2026 تي جوابدارن آر ڊي 44 جي اڳوڻي ايس ايڇ او محمد نواز بروهي، چوڪي انچارج مقصود سنجراڻي ۽ وڏي منشي ياسين نوناري جا ورتل ڊي اين اي وارا جزا ڪيئن خراب ٿيا؟ جوابدارن جا نمونا ٻيهر وٺڻ جي نوبت ڇو آئي؟ اجتماعي زيادتي ڪيس ملڪي سطح جو ڪيس آهي، ان ۾ لاپرواهي ڪرڻ سنگين ڏوهه آهي نه ته ليبارٽري انچارج پنهنجي درخواست ۾ تازا نمونا گڏ ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب سبب ظاهر ڪيو آهي، ۽ نه ئي جاچ آفيسر ان معاملي بابت انڪوائري ڪرڻ جي زحمت ڪئي آهي ته پهريان ورتل نمونن جو ڇا ٿيو، ڇا اهي ليبارٽري جي معيارن تي پورا نه لٿا، يا ناڪامي جو ذميوار ڪير هو؟ نه ئي اهو جاچيو ويو آهي ته متاثره يا جوابدارن کان مناسب نمونا گڏ ڪرڻ ۾ ناڪامي ڇو ٿي؟ ليبارٽري به ان پهلوءَ جي جاچ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي ته ڇا انچارج ليبارٽري قانوني طور اهڙي ٻيهر سيمپلنگ جو مطالبو ڪري سگهي ٿو؟ خاص طور تي جڏهن اڳ ۾ نمونا ورتا ويا هئا ۽ ڪا به ناڪامي، آلودگي، گهٽتائي يا قانوني نقص پهرين سيمپلنگ ۾ رڪارڊ تي موجود ناهي. ڊي اين اي سيمپلنگ جوابدار يا متاثر شخص کان وٺڻ هڪ مداخلتي جاچ جو عمل آهي، جيڪو قانون، عدالت جي نگراني ۽ فارينسڪ ايس او پيز تحت ڪنٽرول ٿيل طريقيڪار آهي. تنهن ڪري ليبارٽري جي مرضي تي تازا نمونا يا ٻيهر سيمپلنگ وارو عمل روزانو نه ٿو ٿي سگهي، ٻيهر سيمپلنگ صرف تڏهن قانوني طور جائز ٿيندي، جڏهن ان لاءِ خاص ۽ قانوني سبب موجود هجن ۽ اهي رڪارڊ تي آندا وڃن. عدالت چيو ته ليبارٽري ۽ جاچ آفيسر ٻيهر سيمپلنگ لاءِ ڪو به قانوني يا معقول سبب ظاهر نه ڪيو آهي، جڏهن ته اڳ ۾ ورتل نمونن بابت ڪا به ناڪامي، آلودگي يا قانوني نقص رڪارڊ تي موجود ناهي. ڊي اين اي سيمپلنگ هڪ حساس ۽ قانوني عمل آهي، جيڪو بنا سبب ٻيهر نٿو ڪري سگهجي. تنهن ڪري عدالت قرار ڏنو ته موجوده درخواست ۾ تازا نمونا وٺڻ لاءِ ڪا به جائز ۽ قائل ڪندڙ وجهه موجود نه آهي، ۽ اهڙي اجازت ڏيڻ جو ڪو قانوني جواز نٿو ٺهي. جاچ ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي عدالت پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي لاڙڪاڻو، جاچ آفيسر ايف آءِ اي احسان ميراڻي ۽ انچارج فرانسڪ موليڪيولر بائلاجي ليبارٽري لمس جامشورو کي شوڪاز جاري ڪندي 5 ڏينهن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.