جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) ڊي سي جيڪب آباد سول اسپتال جي اي اين ٽي شعبي جي عمارت فنڪارن حوالي ڪري ڇڏي، ڊي ايچ او ۽ ايم ايس پاران ڊي سي جي اهڙي فيصلي تي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو الزام هنيو ويو آهي
خبر موجب ڊي سي جيڪب آباد دادلو خان زهراڻي سول اسپتال جي اکين، نڪ ۽ ڳلي جي شعبي جي عمارت کي فنڪارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڊي سي پاران اي اين ٽي شعبي جي عمارت جو آرٽس ڪائونسل جي عهديدارن سان گڏجي معائني کانپوءِ اھڙو ليٽر پن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر پاران صحت کاتي جي اهم عمارت فنڪارن حوالي ڪرڻ بابت ڪنهن کي به اعتماد ۾ نه وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر اسلم پرويز ڀنگر رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر پاران اي اين ٽي عمارت فنڪارن جي حوالي ڪرڻ بابت لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته ڊي سي عمارت آرٽس ڪائونسل حوالي ڪرڻ کان اڳ مون کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، اھڙو آرڊر جاري ڪيو ويو، جيڪو سوشل ميڊيا ذريعي مون ڏٺو آهي
ٻئي طرف شهرين عبدالحئي سومرو، آفتاب بروهي ۽ ٻين چيو ته ڊي سي پاران صحت کاتي جي عمارت آرٽس ڪائونسل حوالي ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، سول اسپتال اڳ ئي تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، ان عمل سان ويتر صحت کاتي کي نقصان پهچندو
هنن چيو ته ڊي سي کي اگر آرٽس ڪائونسل کي عمارت ڏيڻي هئي ته شهر ۾ ٻيون عمارتون هيون، اهي ڏنيون وڃن ها، باقي اهو غلط آهي ته آرٽس ڪائونسل کي اکين جي شعبي جي عمارت ڏني وڃي