جيڪب آباد: اضافي مارڪون ۽ رولز جي ابتڙ ڀرتين جي جاچ: آفيسر آمهون سامهون: الزام
مارچ 20, 2025
جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ چئن اميدوارن کي رولز جي ابتڙ اضافي مارڪون ڏئي پي ايس ٽي جا آرڊر جاري ڪرڻ کان پوءِ ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايچ آر سنڌ هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويا آهن، ڊي جي ايچ آر ڪراچي چئن اميدوارن کي پي ايس ٽي جا مليل آرڊر روڪڻ جو حڪم ڏئي ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي ڊي جي پاران ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻو کي ليٽر لکي رولز جي ابتڙ اضافي مارڪون ڏئي غيرقانوني طور جاري ڪيل آرڊر روڪڻ سان گڏوگڏ ڊي اي او پرائمري خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري لاڙڪاڻو چئن اميدوارن کي مليل پي ايس ٽي جا آرڊر روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي ڊائريڪٽر پرائمري جي وضاحت گهرڻ کان پوءِ ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو پنهنجي وضاحتي ليٽر ۾ پاڻ کي آجو قرار ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل ايچ آر کي اميدوارن کي اضافي مارڪون ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي، ڊي اي او پنهنجي وضاحتي ليٽر ۾ لکيو آهي ته ڊي جي ايچ آر جي حڪم کان پوءِ مذڪوره چئني اميدوارن کي رولز 2021 تحت پروفيشنل ڊگرين جون اضافي مارڪون ڏئي آرڊر جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر جنرل ايچ آر ڊي اي او جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڊي جي آفيس موجب ته ڊي اي او پرائمري مشتاق سڌايو کي رولز تحت پروفيشنل ڊگرين جي تصديق بعد اضافي مارڪون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر ڊي اي او پرائمري پروفيشنل ڊگرين جي تصديق بنا رولز جي ابتڙ چئن اميدوارن کي اضافي مارڪون ڏنيون آهن، جيڪا شڪايت ملي آهي، جنهن کان پوءِ چئني اميدوارن کي مليل پي ايس ٽي جا آرڊر روڪڻ جو حڪم ڏئي معاملي جو جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
4 اميدوارن کي مليل پي ايس ٽي جا آرڊر روڪيا ويا: جاچ شروع
جيڪب آباد: پنهنجي اخبار ۾ رولز جي ابتڙ اضافي مارڪون ڏيڻ جي خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيس ورتو آهي، ڊائريڪٽر جنرل ايچ آر جي نوٽيس کانپوءِ مليل حڪم تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري لاڙڪاڻو خليل احمد مهر چئن اميدوارن قربان علي، شاهنواز، انيس الرحمان ۽ نظير احمد کي مليل پي ايس ٽي جا آرڊر روڪڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو آهي، جاري ڪيل ليٽر ۾ لکيو ويو ته ڊائريڪٽر ايچ آر روزاني پنهنجي اخبار جي پهرين مارچ تي خبر شايع ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن خبر موجب ته تعليم کاتي جي رولز جي ابتڙ اميدوارن کي اضافي مارڪون ڏئي آرڊر جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انتظار ۾ ويٺل اميدوارن پاران به اھڙي شڪايت تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ چئني اميدوارن جا پي ايس ٽي جا جاري ڪيل آرڊر روڪيا ويا آهن، وڌيڪ رولز جي ڀڃڪڙي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
رشوت عيوض غيرقانوني طور من پسندن کي اضافي مارڪون ڏنيون ويون: اميدوار
جيڪب آباد: انتظار ۾ ويٺل اميدوارن جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. رشوت عيوض غيرقانوني طور رولز جي ابتڙ من پسندن کي اضافي مارڪون ڏنيون ويون آهن.
روزاني پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ بعد جاچ شروع ٿي
جيڪب آباد: روزاني پنهنجي اخبار 12 فيبروري تي خبر شايع ڪئي هئي، جنهن بعد تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين طرفان معاملي جو نوٽيس ورتو ويو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي.