| جيڪب آباد: ايم پي اي ممتاز جکراڻي جا ايس پي تي ڀتي جا الزام: اعجاز جکراڻي جو اجلاس فرمائشي قرار |
جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ضلعي ۾ بدامني ۽ ڀتاخوري کانپوءِ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ميٽنگ گهرائي ورتي، ڊي سي آفيس ۾ ايم اين اي جي سربراهي ۾ رٿيل گڏجاڻي ۾ ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ايم پي اي جيڪب آباد حاجي شير محمد مغيري، ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ، ڊي سي نواب سمير لغاري ضلعي چيئرمين طاهر خان کوسو اسٽيڪ هولڊر ر شفيق خان کوسو عبدالباسط شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڀتاخوري جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي چيو ته ڳڙهي خيرو ۾ هندو واپارين کي ڀتي جي لاءِ ڌمڪيون ملڻ تي افسوس آهي، گڏجاڻي ۾ غور ويچار ڪيو ويو، ماڻهن پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن، گڏجاڻي بعد اوهان کي رزلٽ ملڻ شروع ٿي ويندي، واپارين کان ڀتو گهرندڙ ماڻهن کي ظاهر ڪيو ويندو، هن چيو ته ڳڙهي خيرو جي ايم پي اي جي بائيڪاٽ جي خبر ناهي، جيڪڏهن ايم پي اي چوي ٿو ڪا سياسي شخصيت ڀتي واريون پرچيون موڪلي ٿي ته ان شخصيت کي ظاهر به هو ڪري سگهي ٿو، مون کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي، جڏهن ته پ پ ايم پي اي ڳڙهي خيرو ممتاز جکراڻي ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، ايم پي اي ممتاز خان جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳڙهي خيرو ۾ ڀتاخوري سبب 50 سيڪڙو هندو برادري توڙي اڪثريت رکندڙ مسلمان ڪاروباري ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، ڪاروباري ماڻهن جي گهرن تي ۽ دڪانن تي حملا ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ چاهي ٿو، ايس ايس پي نااهل آفيسر آهي، جيڪو شنبي شاهه چوڪي جي پويان لڳل آهي ان کي ايراني سامان، پيٽرول ڊيزل ۽ پان پراگ تي ڀتو کپي. ايس ايس پي کي رڳو پئسا کپن ٿا، ايم پي اي ممتاز جکراڻي چيو ته ايس ايس پي کي جيڪڏهن چوڌري ٿي ٿيڻو آهي ته گهر وڃي ڪرسي ڇڏي، ڳڙھي خيرو ۾ ڪير به محفوظ ناهي پر ايس ايس پي ٿو چئي سڀ ٺيڪ آهي، هڪ نااهل اي ايس آءِ کي ٻه ٿاڻا ڏنا ويا آهن، جيڪو ڪمائي ايس ايس پي کي پئسا ڏئي رهيو آهي، هن چيوته ايس ايس پي خلاف تحريڪ هلائي ويندي.
| ايم پي اي ممتاز جکراڻي الزام ثابت ڪري: ايس ايس پي ڪليم ملڪ |
جيڪب آباد: ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ رابطو ڪرڻ تي چيو ته مون مٿان ايم پي اي ممتاز جکراڻي الزام مڙهيا آهن ته اهو ثابت ڪري ڏيکاري هن چيو ته اوھان ايم پي اي ثبوتن بابت پڇا ڪري وٺو ها هن چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ڪنهن به ڏوهاري ماڻهو کي شهرين جي جان ۽ مال لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين امن امان کي بهتر بڻايو ويندو
پوليس وارا رڪور آءِ فون لڪائي ڇڏيندا آهن، اوهان ايس ايس پي جي پٺي ٺپيو ته ڪارڪردگي ڏيکاري” : اجلاس ۾ واپاري جون اعجاز جکراڻي آڏو دانهون
جيڪب آباد: چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي ايم اين اي جي هلندڙ اجلاس ۾ بدامني خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته شهر ۾ موٽرسائيڪل ڦر ۽ چورين جو آزار وڌي ويو آهي هر روز شهرين کان زبردستي موبائيل ڦر ڪيا وڃن ٿا جڏهن موبائيل پوليس کان ٽريس ڪرايو پيو وڃي ته پوليس اهو چوي ٿو ته موبائيل جو لوڪيشن پشين کان ملي ٿو هاڻي شهري موبائيل لاءِ پشين ته نه ويندا هن چيو ته پوليس مهانگا ۽ آءِ فون لڪائي ڇڏي ٿي واپاري ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ايس ايس پي جي پٺي ٺپيو ته جيئن هو ڪارڪردگي ڏيکاري، ان حوالي سان واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي چيو ته جيڪب آباد ۾ ايم پي اي به بيوس بڻيل آهن آئون ننڍو واپاري اڳواڻ ڇا ڪري سگهندس مون بدامني خلاف پنهنجو آواز رڪارڊ ڪرايو آهي نوٽيس وٺڻ وارن کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي