جيڪب آباد جي اسپتال ۾ عورت فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام، لاش رکي ڌرڻو

مَي 20, 2025

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي پٺاڻ واهه واسڻ ڳورهاري عورت شهزادي کي وارث ويم لاءِ ڪوئيٽا روڊ تي قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر کڻائي پهتا ته ڊاڪٽر پاران سيزر آپريشن ذريعي ويم لاءِ چيو ويو وارثن جي سيزر جي اجازت کانپوءِ عورت جو آپريشن ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ان جي طبيعت خراب ٿي جيڪا اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، عورت جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وارثن پاران نجي سينٽر ٻاهران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي موجود فوتي عورت جي مڙس ضمير چانڊيو ٻڌايو ته زال کي ويم لاءِ اسپتال آندو ويو ڊاڪٽرن پاران سيزر ذريعي ڊليوري ڪرائي وئي، جنھن کان پوءِ زال جي طبيعت خراب ٿي وئي اسپتال ۾ بجلي به نه هئي زال تڙپندي رهي اسپتال انتظاميا جو ڪوبه عملو موجود نه ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب زال فوت ٿي وئي،  غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري  واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل