جيڪب آباد جي خانگي اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻار ڪوئن کائي ماري ڇڏيو، جھيڙو، هڪ ڄڻو گرفتار

نومبر 20, 2024

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڪوئيٽا روڊ تي قائم خانگي سينٽر تي ڳوٺ باغ علي سنجراڻي واسي فيروز ڪيهر جي زال جو سيزر ٿيو، جنهن ٻار کي جنم ڏنو، اسپتال انتظاميا پاران تازي ڄاول ٻار کي اسپتال اندر انڪيوبيٽر ۾ رکڻ لاءِ چيو ويو، اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن ٻار کي انڪيوبيٽر بدران ٻاهر وارڊ ۾ رکي ڇڏيو، اسپتال ۾ پيل تازي ٻار تي ڪوئن حملو ڪري ڪن ۽ مٿو کائي ويا، جنهن سبب ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا لاش ڳوٺاڻي کي ڏيڻ بدران مبينا طور 50 هزار جو بل ڪڍيو،ڳوٺاڻي پاران بل جا پئسا نه هئڻ سبب اسپتال لاش گروي رکي ڇڏيو، ڳوٺاڻي فيروز ڪيهر مينهن وڪرو ڪري 50 هزار رپيا ڏئي لاش وصول ڪيو. ٻي طرف پنهنجي اخبار طرفان خانگي اسپتال جي انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.

پئسا نه ڏيڻ تان اسپتال انتظاميا تي ٻار جو لاش گروي رکڻ جو الزام

جيڪب آباد:  ڳوٺاڻي فيروز ڪيهر  جو چوڻ هو ته گهرواري کي ويم لاءِ خانگي اسپتال کڻائي آياسين، جتي آپريشن ذريعي زال ٻار کي جنم ڏنو، اسپتال انتظاميا ٻار ڪمزور هئڻ جو چئي انڪيوبيٽر ۾ رکڻ لاءِ زور ڀريو پر ان باوجود ٻار کي انڪيوبيٽر بدران وارڊ ۾ رکيو ويو، جتي ٻار کي ڪوئن حملو ڪري ڪن ۽ مٿو کائي ڇڏيو، جنهن سبب ٻار فوت ٿيو آهي پر اسپتال انتظاميا 50 هزار بل ڏيڻ لاءِ چيو آهي جيڪي نه هئڻ سبب لاش گروي رکيو ويو مينهن وڪرو ڪري لاش وصول ڪيو آهي.

اسپتال ڪوريج  لاءِ پهتل صحافين تي به تشدد، هڪ جوابدار گرفتار

جيڪب آباد: اسپتال ۾ صحافي ڪوريج لاءِ پهتا ته اسپتال انتظاميا حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ خانگي ٽي وي جو رپورٽر زين سرڪي زخمي ٿي پيو، پوليس پهچي حملو ڪندڙ هڪ ڄڻي رفيق کي گرفتار ڪري ورتو. صحافي زين سرڪي ٻڌايو ته اسپتال انتظاميا پاران لاش گروي رکڻ جي خبر تي خانگي سينٽر پهچي ڪوريج ڪئي ته 6 هٿياربندن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

ميرپورخاص:  آءِ سي يو ۾ ٻارن جي داخل هوندي رنگ روغن شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميرپورخاص سول اسپتال ۾ لاپرواھي جي انتھا، ٻارن جي انتھائي نگھداشت واري وارڊ ۾ ٻارن جي علاج ھيٺ ھجڻ باوجود مرمتي ڪم شروع  ان ڏس ۾ پنهنجي  اخبار کي مليل وڊيو ۾ نظر اچي رھيو آھي ته سول اسپتال ميرپورخاص جي ٻارن واري انتھائي نگھداشت واري وارڊ ۾ 5 ٻار انڪيوبيٽرز تي پيل آهن، جڏهن ته  ھڪ ٻار جي ماءُ پڻ اتي موجود آھي، ساڳئي وارڊ ۾ ديوارن جي مٽي لاھي انھي تي رنگ ڪندڙ مزدور پڻ نظر اچن ٿا،  انھي وارڊ ۾ رنگ ڪرڻ لاءِ رنگ ۾ مختلف ڪيميڪل ۽ گاسليٽ پڻ ملايا پيا وڃن، جنهن جي بوءِ سبب اتي علاج ھيٺ ٻار وڌيڪ بيمار ٿين ٿا، وڊيو اماڻيدڙ شخص ٻڌايو ته انھي انتھائي نگھداشت  واري وارڊ ۾ جوتا پائي به ڪنهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ناھي، اتي مٽي ۽ دز ديوارن تان لاٿي پئي وڃي ۽ رنگ جو ڪم ھلندڙ  آھي ،رابطو ڪرڻ تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ھيمجي چوھاڻ چيو ته ٻارن جي انتھائي نگھداشت  واري وارڊ ۾ رنگ جو ڪم ھلندڙ آھي،  ھن چيو ته اسان وارڊ مان ٻارن کي ٻئي پاسي منتقل ڪري ڇڏيو آھي،  انھي کان وڌيڪ ڪجهه نٿو چئي سگھان ـ

Leave A Comment