جيڪب آباد جي سياست ۾ تبديلي : عبدالرزاق کوسو پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار

جُولاءِ 8, 2023

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي سياست ۾ اهم تبديلي جو امڪان، سردار سخي عبدالرزاق کوسو پ پ ۾ وڃڻ لاءِ تيار، اسلم ابڙو، ممتاز جکراڻي جي ٽڪيٽ کي خطرو، حاجي بشير محمد مغيري به پ پ ٽڪيٽ جو اميدوار طور سامهون اچي ويو

 پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر ڳوٺ آدم خان پنهور پهچي مير منظور پنهور جي لاڏاڻي تي سندن پٽن اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنهور، تيمور پنهور، چنگيز پنهور ۽ سليمان پنهور سان عذرخواهي ڪئي، بعد ۾ فريال ٽالپر جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس پهچي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي چاچي ۽ ممتاز جکراڻي جي امڙ جي لاڏاڻي تي وارثن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، محمد اسلم ابڙو، سخي عبدالرزاق کوسو، حاجي شير محمد مغيري سان پڻ ڌار ڌار سياسي ملاقاتون ڪيون

ذريعن موجب پي ٽي آءِ کي ڇڏيندڙ عبدالرزاق کوسو جي پ پ ۾ شموليت جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، فريال ٽالپر سان ملاقات ۾ اهڙا معاملا غور هيٺ آيا آهن

 ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالرزاق کوسو ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو شرط رکيو آهي، عبدالرزاق کوسو کي ايندڙ اليڪشن ۾ پي ايس 1 يا پي ايس 3 تي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي يا وري اين اي 196 تي به ٽڪيٽ ملڻ جو امڪان موجود آهي

واضح رهي ته پي ايس 1 تي هن وقت پ پ ايم پي اي اسلم ابڙو، پي ايس 3 تي ممتاز جکراڻي ايم پي اي آهي، انهن تڪن مان ڪنهن هڪ تي عبدالرزاق کوسو کي ٽڪيٽ ملي ته ممتاز جکراڻي يا اسلم ابڙو جو پتو ڪٽجي ويندو

ٻنهي تڪن ۾ کوسن جو وڌيڪ ووٽ بينڪ آهي، جڏهن ته پي ايس 1 تي حاجي شير محمد مغيري به اميدوار طور سامهون اچي سگهي ٿو

ٻئي طرف فريال ٽالپر سان ملاقات کانپوءِ عبدالرزاق کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريال ٽالپر سان مختلف سياسي ماڻهن جون ڌار ڌار ملاقاتون ٿيون آهن پ پ ۾ شموليت لاءِ 90 سيڪڙو ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن

 ڊاڪٽر سهراب سرڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريال ٽالپر عذرخواهي ڪرڻ آئي، ڪنهن سان به سياسي ڳالهيون ناهن ٿيون، عبدالرزاق کوسو اگر ايئن چئي رهيو آهي ته ان کي وڌيڪ خبر هوندي، دوري دوران فريال ٽالپر ميڊيا سان نه ڳالهايو

Leave A Comment