| جيڪب آباد/ٺل/ڳڙهي حسن (رپورٽر+ ن پ ا) جيڪب آباد واسڻ ناري سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ٿي وئي، جنهن بعد اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل اهلڪار گرفتار لاڪ پ حوالي ڪيو ويو آهي خبر موجب جيڪب آباد جي ڳوٺ همزا کوسو واسڻ ناري آسيا کوسو سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ڳڙهي حسن ٿاڻي تي پهچي زيادتي جي شڪار ناري جا بيان قلمبند ڪيا جاچ دوران آر ڊي 44 ٿاڻي جي اھلڪارن مٿان زيادتي ثابت ٿي ايس ايس پي جي حڪم بعد آر ڊي 44 تي متاثره ناري جي ڏاڏيءَ مسمات نور خاتون جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ اي ايس آءِ محراب سندراڻي، ايچ سي عبدالنبي پوليس ڪانسٽيبل برڪت جکراڻي خادم جکراڻي غلام ياسين جکراڻي ۽ مير حسن کي نامزد ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته آر ڊي 52 پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري کنڀي وئي اسان کي اڻڄاتل هنڌ هڪ جڳهه تي رکيو ويو جتي منهنجي ڏوھٽي آسيا کوسو کي پوليس اهلڪار هٿيارن جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻائيندا هئا پوليس اهلڪار مارڻ جو ڌمڪيون ڏيندا هئا جنهن سبب خاموشي اختيار ڪئي آهي بعد ۾ گهر اچي وڏن سان صلاح ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتا آهيون جڏهن ته جنسي زيادتي جي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ متاثره ناري آسيا کي تعلقي اسپتال ٺل آندو ويو جتي ڊاڪٽر ميڊيڪل چڪاس ڪئي ابتدائي رپورٽ مطابق ناري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي وڌيڪ ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا آهن ناري آسيا کوسو ميڊيڪل چڪاس لاءِ اسپتال پهتي ته ذهني دٻاء جي شڪار هئي ناري اوڇنگارون ڏيندي روئيندي رهي کين ڏاڏيءَ ان کي دلاسا ڏيندي رهي هئي ميڊيڪل چڪاس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ناري ڳوٺ رواني ٿي وئي آهي |
| گرفتار اهلڪارن جو ايس ايس پي آڏو زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي: جاچ آفيسر |
ٺل: ناري آسيا کوسو ڪيس جو جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفيٰ ابڙو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل اهلڪارن ايس ايس پي آڏو ناري سان جنسي زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ متاثره ناري ۽ الزام هيٺ آيل اهلڪارن جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اسپتال عملي جزا ورتا آهن جيڪي سيل ڪري اسان کي ڏنا ويندا ته ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا روهڙي ۽ ڄامشورو ليبارٽري موڪليا ويندا وڌيڪ ڪيس جو جاچ جاري آهي مظلوم نياڻي کي انصاف ضرور ملندو
سيشن جج نوٽيس ورتو: ايس ايچ او ڳڙهي حسن رڪارڊ سميت طلب
جيڪب آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه ناري آسيا کوسو جي جنسي زيادتي واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي سيشن جج ايس ايچ او ڳڙهي حسن کي رڪارڊ سميت اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، سيشن جج پاران جاري ڪيل ليٽر لکيل آهي ته ناري آسيا کوسو جي زيادتي جو سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيل آهن ناري کي پوليس اهلڪارن بيرحماڻي طريقي سان حوس جو نشانو بڻايو آهي جنهن واقعي جو اوهان ڪورٽ ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرايو ليٽر ۾ اهو به لکيل آهي ته ناري جي واقعي جو ڪيس داخل ٿيل آهي يا ناهي ٻنهي صورتن ۾ عدالت ۾ حاضر ٿي رڪارڊ پيش ڪيو وڃي
| پنهنجا پاتل ڪپڙا اسان کي ڏي: پوليس جا ناريءَ کان غير اخلاقي سوال |
جيڪب آباد: ايس ايس پي جي ڳڙهي حسن ٿاڻي تي موجودگي وقت جاچ ڪندڙ پوليس عملدارن جو متاثره ناري کان غيراخلاقي سوال ڪيا ويا جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي منير ڦلپوٽو متاثره ناري کان جنسي زيادتي بابت غيراخلاقي سوال پڇا ڪيا ۽ ناري کان جنسي زيادتي دوران پاتل ڪپڙا گهريا ويا جنهن تي ناري ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي روئندي جاچ واري ڪمري کان ٻاهر نڪري زمين تي ڪري پئي جنهن کي وارثن کڻي ڪار تي ويهاريو ٿاڻي تي موجود ناري جي وارثن ۽ موجود کوسا برادري جي ماڻهن ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف نعريبازي ڪئي جنهن تي ڊي ايس پي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته توهان سان انصاف ٿيندو اهڙي يقين ڌياني بعد احتجاج ختم ڪيو
| ڪنوار ٿيڻ جا خواب ڀورا ڀورا: ناري ونواهه مان کنڀي زيادتي جو شڪار |
جيڪب آباد: ونواهه ۾ ويٺل ناري آسيا کوسو کي گهران کنڀي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب ڪنوار بڻجڻ جا خواب ساڀيان ٿي نه سگهيا ناري جي ڪنوار بڻجڻ کان پهرين طئي ٿيل رشتو ٽٽي ويو آهي معاشري جي اهڙي بيحسيءَ واري رويي سبب نوجوان ناري ذهني طور پريشان ٿي وئي جيڪا ذهني دٻاءُ سبب ڳڻتي ۾ وٺجي وئي آهي.
ايس ايچ او کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو: ڊسٽرڪٽ بار
جيڪب آباد: پوليس اهلڪارن جي هٿان جنسي حوس واري واقعي جو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مذمت ڪئي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مطالبو ڪيو ويو ته عورت سان زيادتي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي جڏهن ته وومينز ايڪشن فورم پاران به آسيا کوسو واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي وومينز ايڪشن فورم پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته مردن جي غير موجودگي ۾ عورتن کي کنڀي ٿاڻي بجاءِ نجي جاءِ تي رکي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو آهي الزام هيٺ آيل ايس ايچ او جو نالو ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو جنهن سبب پوليس جي جاچ غيرشفافيت تي ٻڌل آهي وومينز ايڪشن فورم ايس ايس پي کي هٽائڻ سميت ايس ايچ او جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ جنسي زيادتي جي شڪار ناري کي مڪمل تحفظ، طبي سهولتون ڏيڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
| غير اخلاقي سوالن جا ڪهڙا جواب ڏيان؟ نياڻي روئي ڏنو |
جيڪب آباد: مظلوم نياڻي آسيا کوسو ٿاڻي اندر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کان پوليس غيراخلاقي سوال پڇا ڪري ٿي آئون عورت ٿي ڪري مردن کي ڪيئن جواب ڏيان. هن چيو ته پوليس عملدارن مون کان جنسي حوس دوران پاتل ڪپڙن جي گهر ڪئي آھي جيڪا اخلاق کان ڪريل آهي ناري روئندي چيو ته اهلڪار ٻٽ هڻي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندا هئا مون سان ظلم ڪيو ويو آهي انصاف فراهم ڪيو وڃي
| زيادتيءَ الزام هيٺ آيل ايس ايچ او آر ڊي 52 ڪيس ۾ نامزد ٿيو |
جيڪب آباد: جنسي زيادتي جي شڪار نياڻي آسيا کوسو پاران بار بار ايس ايچ او آر ڊي 52 مقصود سنجراڻي سميت ٻين تي جنسي زيادتي جو الزام لڳايو ويو آهي پر پوليس ايس ايچ او مقصود سنجراڻي خلاف ڪيس داخل نه ڪيو آهي مقصود سنجراڻي تي ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ناري جا وارث پوليس تي بداعتمادي جو اظهار ڪري رهيا آهن ڇو ته نياڻي آسيا کوسو پهرين ڏينهن کان دانهين رهي آهي ته ايس ايچ او مقصود سنجراڻي کي جنسي زيادتي ڪندي سڃاتو هيو ٻين اهلڪارن کي ٻٽ لڳل هئا پر پوليس الزام هيٺ آيل مک جوابدار ايس ايچ او آر ڊي 52 کي ڪلين چٽ ڏئي بچائي ورتو آهي
ايس ايس پي جيڪب آباد پاران به زيادتي جي تصديق: پوليس کاتو بدنام ٿيو: ڪليم ملڪ
جيڪب آباد: ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ ناري آسيا کوسو سان زيادتي جي تصديق ڪندي وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پاڻ ڪيس جي جاچ ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار ملوث نڪتا آهن واقعي جو ڪيس داخل ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪرايو ويو آهي هن چيو ته اهلڪارن جي اهڙي عمل سبب پوليس کاتي جي بدنامي ٿي آهي اهڙي ڪارين رڍن کي کاتي ۾ ڪوبه رهڻ جو حق ناهي ملوث اهلڪارن کي عبرتناڪ سزا ڏياريو ويندو ۽ انهن کي نوڪري تان برطرف ڪرائڻ لاءِ مٿي لکي نوڪري تان فارغ ڪنداسين پوليس کاتو مظلوم نياڻي سان گڏ آهي
جوابدار اهلڪارن کي پڇتاءُ نه ٿيو: ضمانت لاءِ پر اميد
ٺل: ناري کي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندڙ اهلڪار پڇتاءُ بدران ضمانت ٿيڻ جي اميد لڳائي ويٺا آهن گرفتار ٿيل 6 اهلڪارن کي ڊي اين اي جزا وٺڻ لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو ته اهلڪارن کان پنهنجي اخبار جي نمائندي پاران سوال ڪيو ويو اهڙي واقعي ڪرڻ تي اوهان کي پڇتاءُ آهي؟ جنهن تي اهلڪارن وراڻيو اسان واقعي ۾ ملوث ناهيون ڇا جو پڇتاءُ ٿيندو؟ جلد ضمانت ٿيندي ٻاهر نڪري اينداسي ايس ايس پي اسان جو وڏو آهي اهو سدا چئي ته اسان ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي پر اهڙي ڳالهه ناهي اهڙا معاملا ايندا رهندا آهن جلد ضمانت ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر نڪري اينداسين