جيڪب آباد: سوا ڪروڙ ڌاڙي جا جوابدار پڪڙ کان آجا: ڪريم بخش کوسو ۾ هڙتال: ڌرڻو
جنوري 10, 2025
جيڪب آباد(رپورٽر) ڪريم بخش کوسو جي واپاري غلام سرور کوسو جي گهر ۾ سوا ڪروڙ جي لڳل ڌاڙي کي ٻه هفتا گذري ويا، پوليس جي ورتل مهلت به ختم ٿي وئي، عوامي فورم جي سڏ تي ڪريم بخش کوسو ۾ واپارين طرفان شٽربند هڙتال ڪري سنڌ_ بلوچستان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، اڳواڻن غلام حسين کوسو، ڪامريڊ پنهل ڪاشف علي ۽ ٻين چيو ته واپاري غلام سرور کوسو کان سوا ڪروڙ ڌاڙي واري رقم ڦر ٿيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ٻن هفتن تائين ڦر ٿيل رقم واپس ناهي ڪرائي وئي، پوليس وردي پهريل جوابدار گهر مان ڌاڙو هڻي ويا، هنن مطالبو ڪيو جوابدارن کي گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي وڃي…