| جيڪب آباد ضلعي جي 3 فوڊ سپروائيزرن جي 20 ڪروڙ ڪڻڪ ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت رد |
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت طرفان جيڪب آباد ضلعي ۾ خوراڪ کاتي جي 5 گودامن مان 20 ڪروڙ رپين جي ماليت ڪڻڪ جي 20 هزار کان وڌيڪ ٻورين ۾ خرد ڪرڻ واري ڪيس ۾ 3 گودام انچارج فوڊ سپروائيزرن جي ضمانت رد، عدالتي حڪم تي ٽنهي جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻي جيل منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن جي خصوصي عدالت جي جج عبدالحليم ميمڻ جي عدالت ۾ جيڪب ضلعي جي جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو ۽ ٺل ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن مان 20 ڪروڙ روپيه ماليت جي 20 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خردبرد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي عدالت ٺل گودام جي فوڊ سپروائيزر عبدالرزاق مگسي، ڳڙهي خيرو ون گودام جي فوڊ سپروائيزر شمس الدين بروهي ۽ ڳڙهي خيرو ٽو گودام جي فوڊ سپروائيزر رياض مگسي جي ضمانت ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ عدالتي حڪم تي اينٽي ڪرپشن پوليس ٽنهي جوابدارن کي هٿڪڙيون هڻي لاڙڪاڻو سينٽر جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڪيس جي جاچ آفيسر فرحان ڀٽو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مارچ مهيني ۾ جيڪب آباد ضلعي جي خوراڪ کاتي جي گودامن مان 20 هزار 200 ڪڻڪ جي ٻورين ۾ 20 ڪروڙين روپين جي خردبرد ڪرڻ جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي جيڪب آباد جي سرڪاري گودام مان 2 هزار 200 ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خردبرد ڪرڻ جو ڪيس جيڪب آباد، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو جي گودامن جي انچارج فوڊ سپروائيزرن غلام مصطفيٰ انڙ، عبيدالله بروهي، عبدالرزاق مگسي، شمس الدين بروهي ۽ رياض مگسي مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪيس ۾ فوڊ سپروائيزر عبدالرزاق مگسي 7 هزار، فوڊ سپروائيزر شمس الدين بروهي 11 هزار، رياض مگسي 7 هزار، غلام مصطفيٰ انڙ 2 هزار ۽ عبيدالله بروهي 1200 ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خردبرد ڪئي آهي.