جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي انڌاڌنڌ فائرنگ، ٻن سڳن ڀائرن سميت مهمان ٿي آيل ماسات قتل ٿي ويا
صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سچل ٽالاڻي ۾ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار 3 هٿياربندن هوٽل تي ويٺلن مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ برطرف ٿيل پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ ٽالاڻي سندس ڀاءُ غلام قادر ٽالاڻي ۽ مهمان ٿي آيل ماسات امان الله ٽالاڻي ٿڏي تي مارجي ويا، هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا
واقعي جو خبر پوڻ تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايمبولينس ذريعي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، لاش اسپتال ۾ پهچڻ جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ ٽالاڻي برادري جا ماڻھو پهچي ويا جنهن سبب اسپتال ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو ٽئي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي
ڪيا ويا وارث مقتولن جا مڙهه کڻائي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو
ان سلسلي ۾ ايس ايچ او صدر اختر حسين ابڙو ٻڌايو ته مارجي ويل امان الله ٽالاڻي بلوچستان جي علائقي لهڙي رھواسي هو جنهن جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو فيصلو ٿيڻ کانپوءِ ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪئي جيڪو پنهنجي ماساتن وٽ جيڪب آباد جي ڳوٺ سچل ٽالاڻي ۾ رهندو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني
نتيجي ۾ امان الله ٽالاڻي سندس ٻه ميزبان ماسات غلام مصطفيٰ ٽالاڻي ۽ غلام قادر ٽالاڻي قتل ٿي ويا جن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن
جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن جڏهن ته اسپتال ۾ موجود مقتول سڳن ڀائرن جي وارثن جو چوڻ هو ته پراڻي تڪرار تان اسان جي ٽن ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي جوبدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو