جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جي کدڙن واري مخصوص سيٽ تي پ پ جي اميدوار فيضي فقير تي مرد هئڻ جي الزام بعد پ پ اميدوار فيضي فقير نامزدگي فارم واپس وٺي ڇڏيو آهي.
جڏهن ته فيضي فقير شاني فقير کي پنهنجو گرو مڃي ورتو، جنهن بعد شاني فقير مخصوص سيٽ تي فارم جمع ڪرايو ۽ هو ميونسپل ڪاميٽي جو بنا مقابلي ميمبر ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
جڏهن ته ضلع ڪائونسل لاءِ مخصوص سيٽ تي يونس فقير کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.