جيڪب آباد ويجهو بجلي پول ڌماڪيدار مواد سان اڏائڻ جي ڪوشش

جيڪب آباد ويجهو بجلي پول ڌماڪيدار مواد سان اڏائڻ جي ڪوشش

جيڪب آباد/ڳڙهي حسن (رپورٽر+ن پ ا) جيڪب آباد جي دلمراد ٿاڻي جي حد دلمراد ريلوي اسٽيشن ڀرسان بجلي جي هاءِ ٽرانسميشن پول کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب پول کي جزوي طور نقصان پهتو آهي، اهڙي اطلاع تي ايس ايس پي جيڪب آباد توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي متاثر پول جو معائنو ڪيو، ان سلسلي ۾ دلمراد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته رات دير سان لوڊرا کان بلوچستان ويندڙ بجلي جي هاءِ ٽرانسميشن پول کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ پول کي جزوي نقصان پهتو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو