جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي خزاني آفيس ۾ پينشن جي مد ۾ فرضي نالن تي آئي ڊيز کولي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي شڪايتن کانپوءِ ڊي آءِ جي ٽريزري اقبال احمد شيخ ٻئي ڏينهن به خزاني آفيس پهچي عملدارن کان پينشنرن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي جنهن سبب عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو
ڊي آءِ جي ٽريزري اقبال احمد شيخ جي آمد جو ٻڌي پينشن آئي ڊيز بند ڪرڻ جي اطلاع تي آپڪا، گسٽا ۽ پ ٽ الف جا عهديدار سوين ملازم ساڻ ڪري خزاني آفيس پهتا، يونين جا عهديدار ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر مظهر علي مگسي جي آفيس ۾ پهتا ته رش ٿي وئي ڳالهيون ڪرڻ دوران ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ٿي ويو
عهديدارن پاران پينشن آئي ڊيز بند ڪرڻ واري معاملي تي اي ڊي او سان ڳالهيون ڪري پينشنرن جون آئي ڊيز بند نه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر مظهر علي مگسي چيو ته جيڪو ماڻهو ملازم ناهي اگر انهن جي ڪوڙي طريقي سان پينشن آئي ڊيز کوليون ويون هجن اهي بند ٿينديون ته ملازمن کي ئي فائدو ٿيندو
اي ڊي او ۽ يونين اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ جو ٻڌي ڊي آءِ جي ٽريزري اقبال احمد شيخ به اڪائونٽنٽ جي آفيس پهتو جتي يونين اڳواڻن ڊي آءِ جي ٽريزري سان ڳالهائيندي چيو ته پينشن جون آئي ڊيز بند ڪيون وڃن ٿيون اسان جو مطالبو آهي ته آئي ڊيز بند نه ڪيون وڃن ۽ خزاني آفيس ۾ آڊيٽر مقرر ڪيا وڃن
ڊي آءِ جي ٽريزري يونين اڳواڻن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو اسان جي کاتي جو ذاتي مسئلو آهي پينشن جون آئي ڊيز هتان نه بلڪه اي جي آفيس کان بند ٿينديون اڪائونٽنٽ آفيس ۾ پهچي هنگامو ڪري ڳالھيون ڪرڻ جو اهو ڪهڙو طريقو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو جيڪب آباد ۾ ڏسي رهيو آهيان
هن چيو ته مڪمل ڄاڻ وٺڻ ۽ تصديق ڪرڻ کان پوءِ پينشن جون آئي ڊيز بند ڪيون وينديون ڪنھن به جائز رٽائرڊ ملازم جي پينشن آئي ڊي بند نه ٿيندي جنهن کانپوءِ ڊي آءِ جي ٽريزري ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جي آفيس ۾ هليو ويو
خزاني آفيس ٻاهران گسٽا اڳواڻ نصيب ﷲ کوسو، آپڪا اڳواڻ عمران جکراڻي، پ ٽ الف اڳواڻ عبدالجبار کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اطلاع مليو آهي ته خزاني آفيس ۾ پينشن جون آئي ڊيز بند ڪيون وڃن ٿيون جنهن لاءِ مختلف کاتن جا ملازم ساڻ ڪري خزاني آفيس پهتا آهيون
هنن چيو ته جيڪي آئي ڊيز غيرقانوني طور کوليون ويون آهن انهن کي بند ڪيو وڃي اسان کي ڪوبه اعتراض نه هوندو باقي جائز رٽائرڊ ملازمن جون پينشن آئي ڊيز بند ڪرڻ نه ڏينداسين
ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ٽريزري اقبال احمد شيخ ٻڌايو ته پهريون ڀيرو جيڪب آباد ۾ ڏٺو آهي ته عهديدار سوين تعداد ۾ ملازم ساڻ ڪري خزاني آفيس پهچي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪو عمل نامناسب آهي باقي مڪمل ڄاڻ ورتو پيو وڃي غيرقانوني طور کليل پينشن جون آئي ڊيز بند ڪيون وينديون