جيڪب آباد: پاڪ فوج پاران ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت

مَي 13, 2025

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڀارتي ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيل شهرين جي عيادت ڪرڻ لاءِ پنو عاقل مان برگيڊيئر ڪمانڊر فواد حميد پهتو جنهن سان گڏ ٻيا ڪيترائي پاڪ فوج جا آفيسر به موجود هئا، پاڪ فوج جي آفيسرن جو جمس اسپتال پهچڻ وقت ايم پي اي جيڪب آباد شير محمد مغيري، ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سھراب سرڪي جمس ڊائريڪٽر برگيڊيئر ر زبير شيخ، ڊي سي نواب ثمير لغاري ۽ ايس ايس پي صدام خاصخيلي به موجود هئا، پاڪ فوج جي آفيسرن زخمين جي عيادت ڪرڻ دوران زخمين کي گلدستو ۽ تحفو پيش ڪيو، برگيڊيئر ڪمانڊر زخمين کي يقين ڏياريو ته پاڪ فوج ھر موڙ تي عوام سان گڏ آھي،پاڪستان جي عوام ڀارتي جارحيت دوران پاڪ فوج سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺي رهي ھن چيو ته زخمين کي ھر طرح جي سھولت فراھم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل