جيڪب آباد ( رپورٽر) جيڪب آباد پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، پسٽل به هٿ ڪيو ويو
ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير چنا دعويٰ ڪئي آهي ته چنڊ شاخ ڀرسان بيٺل ڏوهارين سان پوليس جو مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هٿياربند مارجي ويو
هن ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ٺل واسي صدام لاشاري طور ٿي آهي، هن وٽان هڪ پسٽل به هٿ ڪيويو آهي
ايس ايس پي چيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، ضلعي ۾ امن برقرار رکڻ اسان جي اوليت آهي