جيڪب آباد ڀرسان عورت پراسرار نموني فوت، ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش، وارثن پاران قتل جو الزام
جنوري 16, 2025
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرواهه ۾ عورت نصيبان بليدي پراسرار نموني فوت ٿي وئي ساهرن پاران عورت کي ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته ڀيڻ جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو اسپتال ۾ فوتي عورت جي ڀيڻ مسمات بختاور بليدي دانهيندي چيو ته منهنجي ڀيڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي ڀيڻ جو مڙس درويش طبيعت جو آهي مڙس جي سؤٽن ليمون ۽ منظور بليدي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي ان خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٻڌايو ته فوتي عورت جي ڀيڻ جي اطلاع تي عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي لاش جي پوسٽ مارٽم بعد پتو پئجي ويندو ته عورت کي قتل ڪيو ويو يا ان جي موت طبعي ٿي آهي جنهن کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو هوڏانهن ليڊي ڊاڪٽر پاران عورت جي پوسٽ مارٽم لاءِ چيرڦاڙ لاءِ چيو ويو جنهن تي وارثن چيرڦاڙ ڪرائڻ کان انڪار ڪندي لاش جو معائنو ڪري رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو آهي جنهن کانپوءِ ليڊي ڊاڪٽر لاش جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو وارث مڙهه کڻي گهر پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.