جيڪب آباد : ڌاڙيل مٺو شاهه جو لاش 12 ڪلاڪن بعد ڏاڏيءَ کڻائي وئي

جُولاءِ 9, 2023

جيڪب آباد(رپورٽ: غني کوسو) جيڪب آباد ويجهو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيل ماجد عرف مٺو شاهه جو مڙهه 12 ڪلاڪن کان پوءِ ڏاڏيءَ اسپتال مان کڻائي وئي

مٺو شاهه جو مڙهه گذريل رات کان اسپتال ۾ پيل رهيو خوف وچان ڪنهن به وارثي نه ڪئي جنهن بعد سندس ڏاڏيءَ  اسپتال پهچي مڙهه وصول ڪيو ۽  ايمبولينس تي کڻائي جعفرآباد پاڙي پهتي

مٺو شاهه 40 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو بلوچستان پوليس جي 6 اهلڪارن جي شهادت سميت ٻن پوليس اهلڪارن جي اغوا جا ڪيس داخل ٿيل آهن

مٺو شاهه مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي سنڌ ۽ بلوچستان پوليس اعليٰ عملدارن کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندو جيڪو ڪالهه صدر ٿاڻي جي حد م مقابلي ۾ مارجي ويو

Leave A Comment