جيڪب آباد-ڪنڌڪوٽ، ٺٽو،سجاول بدين، دادو-ڏوڪري روڊن سوڌو مختلف رٿائن جي منظوري

جيڪب آباد-ڪنڌڪوٽ، ٺٽو،سجاول بدين، دادو-ڏوڪري روڊن سوڌو مختلف رٿائن جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾  2025-26 جي وڏن وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) اسڪيمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي جنهن ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي، علائقائي رابطن ۽ معاشي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ 140 ارب رپين جو پورٽ فوليو بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته روڊن جي بنيادي ڍانچي جا پنج وڏا منصوبا جن جي مجموعي لاڳت 140.9 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ خرچن جي ڀاڱي واري بندوبست (ڪاسٽ شيئرنگ) تحت هلي رهيا آهن. انهن ۾ 36 ڪلوميٽر سنڌ ڪوسٽل هائي وي جي واڌ، 150 ڪلوميٽر روهڙي – گڊو بئراج روڊ جي بهتري، 31.4 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار – ٽنڊو آدم روڊ کي ٻه طرفو ڪرڻ، 135 ڪلوميٽر مهران هاءِ وي (نوابشاهه – راڻيپور) کي ٻه طرفو ڪرڻ ۽ 221 ڪلوميٽر سانگھڙ – روهڙي  اين-5) روڊ جي بهتري شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي اسڪيمن تي نمايان  اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻيون ٽينڊرنگ يا شروعاتي مرحلي ۾ آهن. هن مالي سال ۾ هيل تائين 17.94 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ مجموعي خرچن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته هو يوٽيليٽي لائنن جي منتقلي، بجلي جي ٿنڀن جي ڪم  ۾ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪن.  انتظامي يا فني مسئلن سبب دير ناقابل قبول آهي. سمورن لاڳاپيل کاتن کي پاڻ ۾ رابطو رکڻ گهرجي ۽ اهي منصوبا مقرر وقت اندر مڪمل ٿين. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعميراتي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بهتر روڊن جي بنيادي ڍانچي سان واپار وڌندو، سفر جو وقت گهٽبو ۽ سڄي سنڌ ۾ زراعت، صنعت ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ملندي. نئين پي ايس ڊي پي 2026-27 لاءِ حتمي تجويزون ڏنيون ويون، جن جو اجلاس ۾ جائزو ورتو ويو، جن جي منظوري ڏني وئي، انهن ۾  جيڪب آباد باءِ پاس کان ڪنڌ ڪوٽ تائين اضافي ڪيئريج وي (100 ڪلوميٽر)، ٺٽو – سجاول – بدين روڊ کي ٻه طرفو ڪرڻ (112 ڪلوميٽر) ۽ دادو کان ڏوڪري تائين ٻه طرفي روڊ (84 ڪلوميٽر) شامل آهن. وڏي وزير چيو ته انهن منصوبن سان لاڙ ۽ اتر سنڌ ۾ رابطن ۾ نمايان بهتري ايندي، مال جي اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي ۽ خاص طور تي زراعت، ماهيگيري ۽ ساحلي واپار ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وڏي وزير سمورن پي ايس ڊي پي اسڪيمن جي سخت نگراني جي هدايت ڪئي ۽ کاتن کي فنڊن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.