| جيڪب آباد ۾ آپريشن: جوابدار هاف فراءِ، مقابلي جي دعويٰ: گهر ڊاهي پٽ |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پوليس طرفان جوابدارن خلاف آپريشن ڪيو ويو، ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ جي اڳواڻي ۾ مولاداد ۽ آباد ٿاڻي جي حدن ۾ ڳوٺ لاجي جکراڻي، ڳوٺ موتو جکراڻي، چنڊ شاخ ۽ نوازو جاگير ۾ هيوي مشينري ساڻ ڪري آپريشن ڪيو ويو، پوليس شڪ جي بنياد تي ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا، جڏهن ته مولاداد ٿاڻي جي دنب ٿرڙي وٽ هڪ جوابدار مير جان جکراڻي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جوابدارن جا گهر ۽ ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا آهن، ڪيترن ئي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ٻڌايو ته سرگرم ۽ بدنام جوابدارن خلاف آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيترائي شڪي به پڪڙيا ويا آهن، هوڏانهن آپريشن ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار ميرجان جکراڻي جي وارثن پوليس جي مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، زخمي جي چاچي محمد سليمان جو چوڻ هو ته ڀائيٽي کي رستي تان گرفتار ڪري پوليس مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي، زخمي ٿيل نوجوان پڙهيل لکيل آهي ۽ پاڪ فوج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بلوچستان ۾ انٽرويو ڏيڻ به ويو هاڻي پوليس نوجوان کي زخمي ڪري ظلم ڪيو آهي.