| جيڪب آباد ۾ اهلڪار قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي جنم ٽيپ |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪئمپ آفيس جي جج مير سهراب بروھي پوليس اهلڪار جمشير چاچڙ جي قتل ۽ نور محمد چاچڙ جي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن گل حسن کوسو ۽ پرويز ملغاڻي کي عمر قيد ۽ 50/50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي وڌيڪ قيد جو سزا ڪاٽڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي