جيڪب آباد ۾ ايس پي تي الزامن بعد ايڪشن: ايم پي اي ممتاز جکراڻي جو ويجھو ساٿي گرفتار

  جيڪب آباد ۾ ايس پي تي الزامن بعد ايڪشن: ايم پي اي ممتاز جکراڻي جو ويجھو ساٿي گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) ڳڙهي خيرو جي پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي جي ايس ايس پي مٿان سنگين الزامن کانپوءِ پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي، سٽي پوليس قائداعظم روڊ تي قائم ايم پي اي جي ويجهو رهندڙ ساٿي سچانند جي هوٽل تي چڙهائي ڪئي، پوليس سچانند، سنتوش ڪمار، گوبند رام، ساگر ڪمار، سني ڪمار، نديم چنو، جنيد سومرو، ڪاشف بروهي، صديق دايو ۽ فيصل پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس گرفتار ٿيلن کان 18 شراب جون بوتلون ٽي شيشا هوڪا هٿ ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس گرفتار ٿيل 11 ڄڻن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ وسيم لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس گرفتار جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ڏيڻ لاءِ عدالت کي استدعا ڪئي، عدالت شيشا هڪو رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته ايم پي اي جي ويجهو ساٿي سچانند سميت 8 جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو پوليس گرفتار ٿيل 8 جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، پوليس موجب قائد اعظم روڊ تي پاڪيزه هوٽل ۾ سرعام شراب نوشي ڪئي وئي، اهڙي اطلاع تي هوٽل پهچي 11 ڄڻن کي 18 شراب جي بوتلن ۽ شيشا هوڪي سميت گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي.
 

هندو پنچائت پاران گرفتارين جي مذمت، تحريڪ هلائڻ لاءِ مشاورت

جيڪب آباد: هندو پنچائت ۽ چيمبر آف ڪامرس پاران اقليتي برادري جي ماڻهن خلاف شراب جي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت، تحريڪ هلائڻ لائحه عمل جوڙڻ جو فيصلو، ان حوالي سان هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي ۽ واپاري اڳواڻ مير احمد علي بروهي چيو ته هندو برادري جي ماڻهن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايم پي اي جي سنگين الزام کان پوءِ ايس ايس پي جي حڪم تي اقليتي برادري جي ماڻهن خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيل اماڻيو ويو آهي.
 

اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد پوليس ساٿي گرفتار  ڪيو: ممتاز جکراڻي

جيڪب آباد: ايم پي اي ڳڙهي خيرو ممتاز جکراڻي پنهنجي ويجهي ساٿي جي گرفتاري تي جي حوالي سان چيو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ بدامني بابت اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پوليس ويجهو رهندڙ ساٿي کي شراب ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، جنهن لاءِ پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو ته مون کي ويجهي ساٿين روڪي ورتو آهي،  ڇا توهان خلاف انتقامي ڪارروائي پئي ٿيئي جي سوال تي ايم پي اي ممتاز جکراڻي صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوھان منهنجي ويجهي رهندڙ ساٿي جي گرفتاري کانپوءِ سمجهي سگهو ٿا، هن کان پڇيو ويو ته اها ڪارروائي ايس ايس پي جي چوڻ تي ڪئي وئي يا بدامني بابت اجلاس جي سربراهي ڪندڙ جي چوڻ تي؟  جنهن جي جواب ۾ ايم پي اي چيو ته صحافي سڀ ڪجهه چڱي ريت سمجهن ٿا.
 

گرفتارين بعد ايم پي اي ممتاز جکراڻي پاران پريس ڪانفرنس جو اعلان: ساٿين روڪي ورتو 
 

جيڪب آباد: ايم پي اي ڳڙهي خيرو ممتاز جکراڻي پنهنجي ويجهي ساٿي جي گرفتاري کان پوءِ هنگامي پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو،  جنهن کانپوءِ ايم پي اي ممتاز جکراڻي کي پنهنجي ويجهي ساٿين پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪي ورتو، جنهن تي ايم پي اي هنگامي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
 

جيڪب آباد جي ايس ايس پي محمد ڪليم جو موقف سامهون نه اچي سگهيو
 

جيڪب آباد: ايم پي اي مير ممتاز جکراڻي جي ويجهي ساٿي جي گرفتاري بابت ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بار بار ڪالز جي باوجود ايس ايس پي ڪال اٽينڊ نه ڪيو جنهن سبب ايس ايس پي جو موقف سامهون اچي نه سگهيو آهي.
 

هوٽل تي ڪارروائي دوران پوليس خانگي بئنڪ جي مئنيجر کي به گرفتار ڪري ورتو
 

جيڪب آباد: هوٽل تي ماني کائڻ جي لاءِ ويل خانگي بئنڪ جي مئنيجر ساگر ڪمار کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو، سندس نالو به ڪيس ۾ شامل  ڪيو ويو آهي، بئنڪ مينيجر جي گرفتاري بابت پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي چيو ته ساگر ڪمار سگريٽ به ناهي پيئندو پر ان باوجود به ان کي رستي مان وٺي شراب جي ڪيس ۾ نالو شامل ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر زيادتي آهي.