| جيڪب آباد ۾ ايڪتا مچ ڪچهري: شهرين کي ديسي کاڌا ساڳ، پلي ۽ چانورن جي ماني کارائي وئي |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پنهنجي اخبار جي منشيات کان پاڪ سنڌ عنوان کي ڀرپور موٽ ملڻ لڳي آهي, 7 ڊسمبر ايڪتا جي سلسلي ۾ درگاهه بچل شاهه ۾ دلمراد لاشاري جي ميزباني هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، مچ ڪچهري ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر مير لياقت علي لاشاري، عبدالنبي لاشاري، ڪامران پيچوهو، جاويد رند، عبدالنبي منجهو سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، ميزبان آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا، جڏهن ته مچ ڪچهري ۾ شريڪ شهرين کي ديسي کاڌا ساڳ پلي ۽ چانورن جي ماني کارائي وئي، مچ ڪچهري ۾ ناليواري فنڪار امداد لاشاري سر وکيريا، قومي گيتن جيئي سنڌ جيئي تي شهري جهومي رقص ڪندا رهيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پنهنجي اخبار جي منشيات کان پاڪ سنڌ عنوان تمام بهتر وقت جي ضرورت آهي، ڇو ته هاڻي شهر شهر گهٽي گهٽي ۾ نشو عام ٿي ويو آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تباهي طرف وڃي پيو، سنڌ جو اهم مسئلو منشيات کان پاڪ آهي، اسان پنهنجي ايڪتا عيد جي موقعي تي عهد ٿا ڪريون ته منشيات کان سنڌ جي نوجوان جي جند آجي ڪرائي ويندي، سرڪار کي به گهرجي ته آئيس، چرس، شراب، گٽڪي جهڙي نشي آور شين جو سنڌ مان خاتمو آندو وڃي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، ان ۾ منشيات ۽ بدامني سازش تحت آندي وئي آهي، جيئن سنڌ واسي پنهنجي وسيلن بدران نشي جي لت ۾ ورتل هجن هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان منشيات ختم ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي اثرائتا قدم کنيا وڃن جيئن نوجوان نسل کي نشي جي لت مان جان ڇڏائي تعليم طرف آندو وڃي