| جيڪب آباد ۾ بدامني خلاف واپاري نڪري آيا، ڌرڻو، روڊ بلاڪ |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سبزي مارڪيٽ جي واپارين کان ڦر واقعي خلاف سبزي منڊي يونين جي سڏ تي ديدار لاشاري، اميد علي بروھي، حاجي بشير سٻايو، بابل لهڙي، احمد علي کرل ارسلان علي دايو جي اڳواڻي ۾ سبزي منڊي روڊ سامهون قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، هر روز ڪيترائي ڦر ۽ چورين جون وارداتون ٿي رهيون آهن پر پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائي سبزي منڊي جي واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري شهر ۾ شٽربند هڙتال جو ڪال ڏنو ويندو.