جيڪب آباد ۾ بدامني: 2 هندو خاندان ڀارت روانا

اپريل 5, 2025

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ بدامني سبب هندو برادري جي لڏپلاڻ جاري، ٻن خاندانن جا 12 ڀاتي هميشه لاءِ ڀارت روانا، هندو برادري سان تعلق رکندڙ ديپڪ ڪمار ۽ سنديپ ڪمار پنهنجي گهرڀاتين سان هميشه لاءِ ريلوي اسٽيشن تان لاهور روانا ٿي ويا، جتان واگها بارڊر ذريعي ڀارت روانا ٿيندا، جڏهن ته هندو برادري جي لڏپلاڻ ڪري ويندڙ خاندانن کي موڪلائڻ لاءِ وڏي انگ ۾ وارث به پهتا، هميشه لاءِ ڇڏي ويندڙ روئيندي موڪلاڻي ڪئي، جنهن سبب ريلوي اسٽيشن تي ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي، لڏپلاڻ ڪري ويندڙ ديپڪ ڪمار ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال خراب آهي جنهن سبب ڪاروبار به تباهه ٿي ويو، بجلي ۽ گيس جي ڳاٽي ٽوڙ بلن سبب به لڏپلاڻ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.

 

Leave A Comment