جيڪب آباد ۾  جرڳو، خون ثابت، هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ جي فتويٰ

جيڪب آباد ۾  جرڳو، خون ثابت، هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ جي فتويٰ

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 9 مهينا اڳ قتل ٿيل نماڻو رند جي قتل جو جرڳو، الزام هيٺ آيل ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ، قتل ٿيل نماڻو رند جي قتل جو جرڳو لياقت علي رند جي سرپئنچي هيٺ ٿيو جنهن ۾ الزام هيٺ آيل ميراڻي ۽ پنجابي ڌرين شرڪت ڪئي سرپئنچ ٻنهي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي فتويٰ جاري ڪئي جاري ڪيل فتويٰ موجب نماڻو رند جو خون عورت ثناءَ پنجابي ۽ ڪريم بخش ميراڻي تي ثابت ٿيو سرپئنچ پاران نماڻي رند جي خون جو بها هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، جهولي جهلڻ تي 10 لک رپيا بخشيا ويا جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر 5 لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا 35 لک رپيا پهرين جنوري تي ادا ڪيا ويندا الزام هيٺ آيل ڌر بقايا 70 لک ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي. ان حوالي سان  سرپئنچ لياقت علي رند ٻڌايو ته نماڻي رند جي قتل جو الزام ڪريم بخش ميراڻي ۽ ثناءَ پنجابي تي ثابت ٿيو ٻنهي ڌرين تي خون بها سميت لاش جي بيحرمتي جو گڏيل طور هڪ ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو آهي.