| جيڪب آباد ۾ روڊن تي نالين جو گندو پاڻي بيٺل، ڪاروبار ٺپ |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ميونسپل عملي جي لاپرواهي سبب نالين جو گندو پاڻي قائداعظم روڊ تي نڪري آيو جنهن سبب روڊ تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو جڏهن ته گندو پاڻي بيھجي وڃڻ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي شهرين خاص ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون پيش آيون، شهرين دانهيندي چيو ته ڪروڙين جي ماهوار بجيٽ باوجود گندو پاڻي نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي.