| جيڪب آباد ۾ قتل استاد جي تدفين: ڏوهاري جو لاش ماسيءَ حوالي |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد مغيري ۾ گذريل ڏينهن ڦر مزاحمت دوران قتل ٿي ويل رٽائرڊ استاد الاهي بخش مغيري جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري مٺل معرفاڻي جو لاش 20 ڪلاڪن کان پوءِ ماسي وسندي معرفاڻي وصول ڪرڻ لاءِ سول اسپتال پهتي آهي ڏوهاري جو لاش سندس حوالي ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ موجود وسندي معرفاڻي ٻڌايو ته مٺل معرفاڻي ڀاڻيجو آھي اسان کي پتو پيو ته ان جو لاش سول اسپتال ۾ پيل آهي ڦر واقعي جو اسان کي ڄاڻ ناهي لاش کڻائڻ لاءِ پهتي آهيان جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو وارث لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا آهن هوڏانهن گذريل ڏينهن ڦر واقعي ۾ قتل ٿيل رٽائرڊ استاد جي جي قتل جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ڦر مزاحمت دوران الاهي بخش مغيري قتل ٿيو آهي ان جي وارثن جي انتظار ۾ آهيون مقتول جا وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن ته ڏوهاري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جيڪو کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا آهن