جيڪب آباد ۾ قتل ڪيس جو فريادي مبينا طور کنڀجي ويو

جيڪب آباد ۾ قتل ڪيس جو فريادي مبينا طور کنڀجي ويو

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ قتل ڪيس جو فريادي محمد علي شاهه مبينا طور کنڀجي ويو، واقعي خلاف سيد برادري جي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مسمات صغريٰ دانهيندي چيو ته 6 سال اڳ اسلم شاهه کي قتل  ڪيو ويو، قتل ڪيس ۾ محمد علي شاهه فريادي بڻيل هيو، جوابدار ڌر فريادي کي پوليس معرفت کنڀرائي ڇڏيو آهي، جيئن اسان قتل ڪيس ۾ ٺاهه ڪريون، هنن چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي ماري ڇڏيندي، نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.