| جيڪب آباد ۾ لوڊشيڊنگ: شهري سيپڪو خلاف نڪري آيا: ڌرڻو: ايڪسين جي پتلي کي باهه |
جيڪب آباد(رپورٽر) پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گئس جي هٿرادو بندش خلاف ريلي ڪڍي نديم احمد قريشي، واپاري اڳواڻ مير احمد علي بروهي، عبدالمجيد سرڪي، ڊاڪٽر اي جي انصاري، ديدار لاشاري، سريچند ڀاوناڻي، وارث جکراڻي، ا فدا لکڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان شاميانه لڳائي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج دوران ايڪسئين سيپڪو جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، اڳواڻن چيو ته جيڪب آباد ضلعو گرم ترين علائقن ۾ شامل ٿيندو آهي، سخت گرمي باوجود سيپڪو اختيارين پاران 15 کان 20 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شهرين جو جيئن جنجال بڻجي ويو آهي، گرمي سبب ڪيترائي ماڻهو بيمار ٿي اسپتال ۾ بستري ڀيڙا ٿي ويا آهن.