جيڪب آباد ۾ مبينا طور پراڻي دشمني تان فائرنگ، پيشي تي عدالت آيل ڳوٺاڻو قتل

جيڪب آباد ۾ مبينا طور پراڻي دشمني تان فائرنگ، پيشي تي عدالت آيل ڳوٺاڻو قتل

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ڊي سي چوڪ تي عدالتي پيشي کانپوءِ واپس ويندڙ ڳوٺ ڀائي خان بليدي واسي آزاد خان عرف شهزادو بليدي مٿان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فرار ٿي ويا،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،اسپتال ۾ موجود مقتول جي سئوٽ ٻڌايو ته برادري جي ماڻهن سان زميني تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ ان ڌر جو هڪ ماڻهو مئل آهي پر اسان في الحال ڪجهه نه ٿا چئي سگهون ته انهن قتل ڪيو يا ٻيو معاملو آهي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته مقتول ڌر وارن جو برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن سبب مقتول ڌر ڳڙهي خيرو جي علائقي مان لڏپلاڻ ڪري خيرپورناٿن شاهه ڇڏي ويا آهن، مقتول عدالت پيشي تي آيل هو، جيڪو مارجي ويو آهي، پوليس موجب ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.