| جيڪب آباد ۾ مبينا طور ڦر جو واقعو، فائرنگ ۾ رٽائرڊ استاد سميت 2 ڄڻا مارجي ويا |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد مغيري ڀرسان مبينا طور ڦر واقعي دوران مزاحمت تي رٽائرڊ استاد الاهي بخش مغيري قتل ٿي ويو،جڏهن ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سندس ساٿي به مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ مٺل معرفاڻي طور ڪئي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتا رٽائرڊ استاد جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ موجود رٽائرڊ استاد الاهي بخش مغيري جي وارثن ٻڌايو ته ڦورن جي فائرنگ ۾ استاد مارجي ويو ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ ساٿي به مارجي ويو آهي، ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ٻڌايو ته ڦر واقعو پيش ناهي آيو معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ رٽائرڊ استاد الاهي بخش مغيري قتل ٿي ويو آهي جهيڙي دوران هڪ معرفاڻي به مارجي ويو جنهن جو لاش پوليس تحويل ۾ ورتو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا.