جيڪب آباد ۾ مينهن چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل، 2 شڪي گرفتار

جيڪب آباد ۾ مينهن چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل، 2 شڪي گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ويرم سڌايو ۾ اڻڄاتل چورن گھر ۾ گهڙي مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آواز اچڻ تي ڀاڳيا سڄاڳ ٿيا، جنھن دوران مزاحمت ڪرڻ تي چورن فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ نوجوان الهڏنو ماڇي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو ته نوجوان دم ڏئي ڇڏيو،  نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن کوجي ڪتن سان پيرا کنيا جيڪي ڳوٺ رحيم بخش جتوئي ۾ حبيب الله جتوئي جي گهر ۾ لڳا پوليس شڪ جي بنياد تي آصف جتوئي سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ان حوالي سان  مقتول جي وارثن ٻڌايو ته پوليس جي لاپرواهي سبب واقعو پيش آيو  آهي، جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي جنهن سبب علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، هنن مطالبو  ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.ٻي طرف  پوليس  موجب  چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو آهي، پيرا لڳڻ تي شڪ جي بنياد تي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.