جيڪب آباد ۾ مڙس مبينا طور زال کي قتل ڪرڻ بعد لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو

جيڪب آباد ۾ مڙس مبينا طور زال کي قتل ڪرڻ بعد لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مڙس مبينا طور گھٽا ڏئي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولڻ جو لاش واهه ۾ اڇلايو ويو، مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوازو جاگير ۾ جوابدار مڙس راشد گورشاڻي مبينا طور پنهنجي نوجوان زال حسنا کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ گھر ڀرسان واهه ۾ لاش لوڙهي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي سول اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود مقتولڻ عورت جي امڙ ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ ڌيءَ جي شادي ٿي، جوابدار مڙس بيگناهه ڌيءَ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جا ڪارڻ سامهون نه اچي سگهيا آهن، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته جوابدار گهريلو تڪرار تان زال کي قتل ڪيو، جوابدار گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ کان پوءِ زال جو لاش واهه ۾ لوڙهي واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.