جيڪب آباد ۾ ناري سان اجتماعي زيادتي جو نئون ڪيس داخل: ميڊيڪل رپورٽ تي خدشا ظاهر

جيڪب آباد ۾ ناري سان اجتماعي زيادتي جو نئون ڪيس داخل: ميڊيڪل رپورٽ تي خدشا ظاهر

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ناري سان اجتماعي زيادتي جو نئون ڪيس داخل، ميڊيڪل رپورٽ تي خدشا ظاهر، ٻيهر ميڊيڪل ڪرائڻ جو مطالبو، ناري سان اجتماعي زيادتي وارو ڪيس عدالت پاران ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ جي حڪم کانپوءِ ايف آءِ اي ڪمپوزٽ ڪرائيم سرڪل لاڙڪاڻي پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  ڪيس ۾ متاثره ناري جي ڏاڏيءَ جي فرياد تي سب انسپيڪٽر نواز بروھي، اي ايس آءِ محراب سندراڻي، چوڪي انچارج مقصود سنجراڻي، اهلڪارن عبدالنبي، برڪت جکراڻي، خادم حسين، غلام ياسين ۽ مير حسن کي نامزد ڪيو ويو آهي،  ايف آءِ اي پاران نامزد ٿيل جوابدارن کي ڪنزيومر پروٽيڪشن جي جج وسيم احمد لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي پاران زيادتي الزام هيٺ آيل جوابدارن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت ايف آءِ اي جي استدعا تي 8 جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ايف آءِ اي جوابدارن کي کڻي لاڙڪاڻو رواني ٿي وئي، عدالت ۾ موجود الزام هيٺ آيل جوابدار محمد نواز بروهي چيو ته ميڊيڪل رپورٽ اسان جي حق ۾ ايندي، انصاف جي اميد آهي.ٻي طرف اجتماعي زيادتي جو شڪار ناري جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو، ايف آءِ اي جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته متاثر ناري جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي، جنهن تي جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن جو 5 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي 27 جنوري تي ناري جو بيان قمبند ڪيو ويندو.ٻي طرف  سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ سوشل ورڪر عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ شانل کوسو،ايڊوڪيٽ زبيدا جکراڻي  پاران ناري جي لڄالٽ واقعي بابت ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ سان ملاقات ڪري ناري سان انصاف ٿيڻ جو مطالبو ڪيو، جتي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو پاران ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد کي ناري جي جاري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد وفد کي يقين ڏياريو ته ناري جي ميڊيڪل بورڊ لاءِ ليٽر لکي جلد ان جي چڪاس ڪرائي ويندي.
 

ناري جي ميڊيڪل رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا: ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو

ٺل: سماجي اڳواڻ سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو  زيادتي جو شڪار ناري جي ميڊيڪل رپورٽ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته ناري جي ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، ميڊيڪل رپورٽ مڪمل ناهي، ان ۾ ڪيتريون ئي شيون ناهن، هن مطالبو ڪيو ته ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ناري کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ڪيس ۾ اهي به قلم لاڳو ڪيا وڃن. شانل کوسو ۽ ايڊووڪيٽ زبيدا جکراڻي چيو ته پيرسن عورت کي ٻن پوٽين سميت پوليس غيرقاني طور تي اغوا ڪري ظلم جو نشانو بڻايو، ناري جو ساٿ ڏئي جوابدارن کي سزا ڏياري ويندي.
 

 سماجي اڳواڻ عورتون متاثر ناري وٽ پهچي ويون، واقعي تي افسوس، مدد جي خاطري

ٺل(ن پ ا) زيادتي جو شڪار ناري (آ ک) سان عورتن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ مختلف عورت اڳواڻن سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو،سماجي اڳواڻ شانل کوسو سميت ٻين ملاقات ڪئي، جتي ناري کي هر مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ واقعي تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
 

پوليس جو داخل ڪيل ڪيس ڪينسل ڪلاس ٿي ويندو: جاچ آفيسر احسان ميراڻي 
 

جيڪب آباد: ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر احسان ميراڻي چيو ته زيادتي ڪيس ايف آءِ اي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ڪينسل ڪلاس ۾ خارج ٿي ويندو، هاڻي ان سڄي معاملي جي ايف آءِ اي جاچ ڪندي، ايف آءِ اي جي داخل ڪيل ڪيس ۾ وڏي منشي جو نالو ناهي؟ جي جواب ۾ جاچ آفيسر چيو ته اڄ کان حتمي جاچ شروع ڪئي وئي آهي جاچ دوران جن جوابدارن جا نالا سامهون ايندا انهن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا ويندا ڪيس جي جاچ ميرٽ جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي.