جيڪب آباد ۾ ناري پاران مڙس ۽ ساهرن تي تذليل جو الزام، تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهتي
ڊسمبر 5, 2023
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نوجوان ناري پاران مڙس ۽ ساهرن تي تذليل جو الزام هنيو ويو، جيڪب آباد ۾ گلاب ماڇي واسڻ نوجوان ناري تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهتي، مڙس ۽ ساهرن تي تذليل جو الزام هنيو
جان بيبي الزام هڻندي چيو ته مڙس، سس ۽ نڻان بدترين تشدد ڪرڻ بعد تذليل جو نشانو بڻايو، اڳ ۾ به تشدد ڪيوويندو هو
ناري چيو ته زندگي کي خطرو آهي، مڙس ۽ ان جا مالڪ قتل ڪري ڇڏيندا، انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي
پوليس موجب ناري پناهه لاءِ ٿاڻي تي پهتي آهي، کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو