جيڪب آباد ۾ نيب ڪيس کلي ويا: اعجاز جکراڻي سميت 17 ڄڻا طلب

آڪٽوبر 4, 2023

جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) احتساب عدالت سکر اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ۽ ميونسپل چيئرمين عباس جکراڻي سميت 17 جوابدارن کي 23 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو

خبر موجب سپريم ڪورٽ جي نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي کانپوءِ نيب سکر سرگرم ٿي وئي آهي، نيب جي احتساب عدالت ٿري ٻن ريفرنسز ۾ جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ سياستدان، ٺيڪيدار ۽ ڪامورن کي طلب ڪري ورتو آهي

 احتساب عدالت ٿري ريفرنس نمبر 2/2020 متعلق نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، ظهير سردار، ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي، ميونسپل چيئرمين عباس جکراڻي ۽ لبنيٰ فرھاد کي 23 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي

 احتساب عدالت ساڳي ڏينهن تي ريفرنس نمبر 23/2020 ۾ 12 جوابدارن کي پڻ طلب ڪيو، طلب ڪيلن ۾ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، طفيل احمد، غلام فريد، نظير احمد، منظور احمد، اعجاز احمد، مولابخش، الهڏتو، عمران علي، آغا ضرار، محمد اقبال ۽ محمد نواز شامل آهن

 احتساب عدالت ٿري جي ريڊر جي صحي سان جاري ڪيل نوٽيس ۾ لکيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ ٻئي ريفرنس جتي بند ڪيا ويا هئا اتان ئي بحال ڪيا ويا آهن اوهان کي مليل نوٽيس ۾ تاريخ ۽ ٽائيم لکيو ويو آهي ان تاريخ تي پيشي کي يقيني بڻايو وڃي، ان بابت ڪو به عذر قبول نه ڪيو ويندو

 ياد رهي ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي سميت 17 جوابدارن خلاف سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جا نيب سکر ۾ 2 ريفرنس داخل ٿيل آهن

Leave A Comment