| جيڪب آباد ۾ وڌيڪ هڪ نينگر گم، انگ 3 ٿي ويو |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جان محمد ڪالوني جو رهواسي 8 ورهين جو نينگر غلام دستگير مهر ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن جي ڳولا باوجود نينگر ملي نه سگهيو نينگر جي امڙ ڀاتين سان گڏجي پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي نينگر جي امڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن ڏينهن کان پٽ پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جو ڪافي ڳولا ڪيو آهي پر نه ملي سگهيو، هن مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. ياد رهي ته جيڪب آباد واسي ٻه معصوم نينگر نويد لاشاري زاهد ويسر جيڪو ٻن سالن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا جنهن جا وارث اڃا تائين سراپا احتجاج بڻيل آهن.