جيڪب آباد ۾ وڏي ڪارروائي:افغان اسمگل ٿيندڙ کنڊ سان ڀريل 50 ٽرڪون روڪي ورتيون
مَي 17, 2023
جيڪب آباد(رپورٽر) کنڊ افغانستان ٿا اسمگلنگ ڪريو، ڪسٽم اختيارين باءِ پاس تي 50 کان مٿي کنڊ سان ڀريل ٽرڪون روڪي ورتيون خبر موجب جيڪب آباد ۾ ڪسٽم اختيارين باءِ پاس تي 50 کان مٿي کنڊ سان ڀريل ٽرڪن کي روڪي ورتو ڪسٽم اختيارين افغانستان کنڊ اسمگلنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ گاڏين کي روڪيو ويو آهي ٽرڪ ڊرائيورن ڪسٽم اختيارين تي رشوت نه ڏيڻ تي روڪڻ جو الزام مڙهندي چيو ته کنڊ بلوچستان طرف وڃي رهيو آهي پر ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته اوھان کنڊ افغانستان کڻي وڃي رهيا آهيو رشوت نه ڏيڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري تذليل ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪسٽم عملدار دانش شيخ جو چوڻ آهي ته کنڊ سان ڀريل گاڏين کي افغانستان کنڊ اسمگلنگ جي الزام هيٺ روڪيو ويو آهي بلوچستان حڪومت پاران اگر اها تصديق ڪئي وئي ته کنڊ بلوچستان جو آهي ته پوءِ انهن کي اڳ ڏانهن ڇڏيو ويندو بلوچستان حڪومت جي تصديق جي مرحلي جي انتظار ۾ آهيون ٻي صورت ۾ کنڊ سان ڀريل گاڏين کي بلوچستان وڃڻ نه ڏنو ويندو