جيڪب آباد ۾ وڪيل جو ڀاءُ مبينا طور قتل، گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ

جيڪب آباد ۾ وڪيل جو ڀاءُ مبينا طور قتل، گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ وڪيل جي ڀاءُ جو گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ، وارثن واقعي کي قتل  قرار ڏئي ڇڏيو، شهر جي سول لائن ٿاڻي جي حد جعفرآباد پاڙي ۾ وڪيل گلزار رند جي ڀاءُ زاهد رند جو  گهر مان گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، زاهد رند جي ڀاءُ وڪيل گلزار رند ٻڌايو ته اسان عيد تي ڳوٺ ويل هئاسين، گذريل رات ڀاءُ زاهد رند ڳوٺ کان شهر آيو، اسان مغرب جي ٽائيم گهر پهتاسين ته ڀاءُ جو گوليون لڳل لاش پيل هو، واقعي واري هنڌان گولين جا چار خول مليا آهن، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ظالمن ڀاءُ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته قاتلن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته نوجوان زاهد رند کي لوندڙي ۽ پيٽ ۾ ٽي گوليون لڳل آهن پيٽ واري گولي پري کان لڳل آهي جاءِ واردات واري هنڌان نائن ايم ايم جو پسٽل مليو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيو پيو وڃي.ٻي طرف وڪيل گلزار رند جي ڀاءُ زاهد رند جي لاش ڀرسان نائن ايم ايم جو پسٽل مليو آهي مليل پسٽل بابت پوليس اهو واضح نه ڪري سگهيو آهي ته واردات واري هنڌان مليل پسٽل نوجوان زاهد رند جو آهي يا ٻي ڪنهن جوابدار جو آهي پوليس ٻڌايو ته پسٽل پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي،
 

نوجوان کي 4 گوليون لڳل هيون: ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ 

جيڪب آباد: وڪيل گلزار رند جي ڀاءُ زاهد رند جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موتي ٻڌايو ته نوجوان کي چار گوليون لڳل آهن، هڪ گولي پيٽ ۾ لڳل آهي ٻين گولين جا نشان لوندڙي ۽ ڪنڌ تان مليا آهن، شروعاتي جاچ مان 70 سيڪڙو لڳي ٿو ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ واضح ٿي ويندو.
 

قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج ڪنداسين: ڊسٽرڪٽ بار اڳواڻ
 

جيڪب آباد: وڪيل گلزار رند جي ڀاءُ زاهد رند جي قتل واري واقعي جي اطلاع کان پوءِ وڏي انگ ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جا وڪيل اسپتال پهتا، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري مظفر رند چيو ته وڪيل گلزار رند جي ڀاءُ جي قتل تي ڳڻتي آهي هي قتل جو وڏو واقعو ٿي ويو آهي جنهن سبب اسان وڪيل ڏک ۾ ورتل آهيون اسان پوليس کان مطالبو ڪيون ٿا ته قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
 

واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ جاچ ٽيمون جوڙيون وينديون: 

ايس ايس پي جيڪب آباد

جيڪب آباد: ايس ايس پي ڪيپٽن ر فيضان علي واقعي واري هنڌ پهچي ڪرائيم سين جو معائنو ڪيو، ايس ايس پي فيضان علي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي ڪرائيم سين جو معائنو ڪيو ويو جنهن کي محفوظ ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته خدشو آهي ته زاهد رند کي قتل ڪيو ويو آهي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ جاچ ٽيمون جوڙي ملوث سڀني جوابدارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو ويندو.