| جيڪب آباد ۾ وڪيل جي ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد پوليس وڪيل گلزار رند جي ڀاءُ زاهد رند جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدار ڀائرن ايان رند ۽ عبدالحئي رند جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، جيڪب آباد پوليس جي ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته مقتول زاهد رند جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي فيملي لائن مان گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن کان ڏوهه ۾ استعمال ٿيل پسٽل به هٿ ڪيا ويا آهن پوليس موجب جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته سڱ گهرڻ جي معاملي تان زاهد رند کي قتل ڪيو ويو آهي.