| جيڪب آباد ۾ ٽڪ ٽاڪر ناري زيادتي ڪيس ۾ 4 جوابدار جيل حوالي |
جيڪب آباد (رپورٽر) اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 4 جوابدار عدالت ۾ پيش، وڪيلن پاران پوليس تي جوابدارن مٿان تشدد جا الزام، چار ئي جوابدار هفتو ريمانڊ تي جيل منتقل، جيڪب آباد واسڻ ٽڪ ٽاڪر ناري سان زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مولا بخش گلواڻي اقرار جکراڻي اڪمل واگهو خان محمد جمالي کي ايئرپورٽ پوليس ڪنزيومر پروٽيڪشن جي عدالت ۾ پيش ڪيو، انويسٽيگيشن آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ هلندڙ آهي جوابدارن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي جڏهن ته عدالت ۾ جوابدارن پاران وڪيلن جو پئنل مقرر ڪيو جيڪي عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته لاڪ اپ ۾ جوابدارن کي سهولتون ناهن جوابدارن تي پوليس تشدد ڪري ٿي جوابدارن کي جيل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي، وڪيلن جي استدعا کانپوءِ عدالت پوليس جي جسماني ريمانڊ واري درخواست رد ڪري جوابدارن کي هڪ هفتي تائين جيل موڪلي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ايئرپورٽ پوليس ٻڌايو ته هڪ جوابدار جا ٻه ٻه وڪيل هئا وڪيل پئنل جي صورت ۾ عدالت ۾ پيش ٿي جسماني ريمانڊ جي درخواست رد ڪرائي، جنهن کانپوءِ جوابدارن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي.