| جيڪب آباد ۾ پراسرار نموني گم ٿيل ٻالڪ جو تلاءَ مان 6 ڏينهن پراڻو لاش هٿ |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڳڙهي سٻايو واري علائقي مان 6 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نينگر محمد مزمل ابڙو جو لاش ڳڙهي سٻايو جي علائقي مان گندي پاڻي جي تلاءُ مان هٿ ڪيو ويو، پوليس لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، وارث وڏي انگ ۾ سول اسپتال پهتا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سول اسپتال ۾ موجود فوتي محمد مزمل ابڙو جي وارثن چيو ته ميونسپل عملي جي مدد سان گندي پاڻي جي تلاءُ مان نينگر جو لاش ڳولا بعد مليو آهي نينگر جي هٿ ۾ لغڙ جو ڌاڳو هو، جيڪو لغڙ اڏارڻ دوران اتفاقي طور گندي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿيو آهي ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته نينگر محمد مزمل ابڙو جو لاش ڳڙهي سٻايو جي تلاءُ مان هٿ آيو آهي،وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.