| جيڪب آباد ۾ پيش امام جي کٿابيءَ سان مبينا بدفعلي: جوابدار گرفتار |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب الله جمالي ۾ جوابدار پيش امام بخش علي بنگلاڻي 12 ورهين جي کٿابي ت .ج کي بدفعلي جو نشانو بڻايو. نينگر جي دانهن تي وارثن پيش امام بخش علي بنگلاڻي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته حد جي ٿاڻي تي نينگر جي چاچي اياز جمالي جي فرياد تي پيش امام خلاف بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته ڀائيٽو مسجد مذهبي تعليم وٺڻ ويو ته جوابدار پيش امام بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ نينگر کي کڻائي سول اسپتال پهچايو جتي کين ميڊيڪل ڪرائي وئي آهي ۽ الزام هيٺ جوابدار بخش علي بنگلاڻي سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ نثار احمد شر جي عدالت ۾ پيش ڪيو پوليس جوابدار جي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي عدالت 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو آهي ان سلسلي ۾ نينگر جي چاچي اياز جمالي ٻڌايو ته ڀائيٽو سبق وٺڻ ويو ته جوابدار اڪيلو ڏسي بدفعلي جو نشانو بڻايو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جوابدار 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ٿيل آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.