جيڪب آباد ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي سارين کي باهه

جيڪب آباد ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي سارين کي باهه

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد عمراڻي لاڙو وٽ اڻڄاتل هٿياربندن مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالشڪور بنگلاڻي جي سارين جي ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن سبب لکين رپين جون ساريون سڙي رک ٿي ويون، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتو، ان حوالي سان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالشڪور بنگلاڻي ٻڌايو ته رند برادري جي جوابدارن ڀتو نه ڏيڻ تي سارين جي ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي